سنڀو مل هميراڻي

سنڀو مل هميراڻي

سنڀو مل هميراڻي

سنڀو مل هميراڻي: سنڀو مل هميراڻي ولد گورڌن داس ميگهواڙ، ڳوٺ گوڙهيار، تعلقي مٺيءَ ۾ 1948ع ڌاري جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، بعد ۾ سال 1964ع ۾ انگريزي تعليم جي لاءِ هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۾ پڙهڻ ويو. انگريزيءَ کانپوءِ ڪاليج جي تعليم حيدرآباد جي ڪاليج مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪيائين. سنڀو هميراڻيءَ کي 1970ع ڌاري پرائمري ماستري ملي. علم و ادب سان ننڍپڻ ۾ لڳاءُ هئس. انهي ڪري انگريزي تعليم دوران هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ مطالعو ڪندو رهيو. سال 1967ع ۾ مارئيءَ جي ميلي ڀالوا ادبي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو مقالو پڙهيائين، بعد ۾ سندس لکڻين جي معيار کي ڏسي غلام محمد لغاري هفتيوار سچائي ۽ بيداريءَ لاءِ ضلعي ٿرپارڪر جو نمائندو مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ ايڊيٽوريل بورڊ جو صلاحڪار مقرر ڪيو. هن ٿر جي زندگي، تهذيب، ثقافت تي ليک لکيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ويا. ’سچائي‘ ۽ ’بيداري‘ کانسواءِ ماهوار بادل، روح رهاڻ، سهڻي رسالن ۾ شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون. ان کان سواءِ سنڀو مل هميراڻي هڪ اسٽيج ڊرامي ’عمر مارئيءَ‘ ۾ ’هيري‘ جو ڪردار ادا ڪيو. هن جون لکڻيون سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر معياري رسالن اخبارن ۾ ڇپيون آهن. سندس شاعري به ڪافي اخبارن رسالن ۾ ڇپي آهي. شاعريءَ ۾ پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي دردن جو داستان آهي. شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختگي رکي ٿي.
سنڀو مل هميراڻيءَ جو هڪ ٻيو پهلو سماجي ورڪر جو آهي. 1967ع کان ئي مسڪين جهان خان کوسي جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليس. مسڪين جهان خان سندس پيارو دوست هو. هو ٿر جي ڪيترين سماجي تنظيمن جو ميمبر رهي چڪو آهي.
هن 2 جولاءِ 2003ع تي وفات ڪئي.


لفظ سنڀو مل هميراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.07.02  عيسوي

سنڀو مل هميراڻي ولد گورڌن داس ميگهواڙ، ڳوٺ گوڙهيار، تعلقي مٺيءَ ۾ 1948ع ڌاري جنم ورتو.هن 2 جولاءِ 2003ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ
اسماعيل چانڊيو
شهاب الدين غوري
قاضي شفيق مهيسر
زاهده حنا
ڀائي پرتاب
ڏيٿو عبدالرحيم
مراد فقيرسنديلو
امتياز قاضي
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون